حُسين بخش عرف مُڪنو خان

حُسين بخش عرف مُڪنو خان (ڪماچ نواز): اُستاد حسين بخش خان عرف مُڪنو خان 1922ع ۾ هندستان جي رياست جيسلمير ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو اُستاد محڪم الدين هو، جيڪو پنهنجي دؤر جو ڪوي راج هو. حُسين بخش عرف مُڪني خان جو اُستاد، خانصاحب حاجي خير محمد هو. جنهن سان گڏ هو ريڊيي حيدرآباد تي پروگرام به ڪندو هو. هي سٺو هارمونيم نواز به هو، جنهنڪري پنهنجي دؤر جي مشهور گائيڪن ۽ گائيڪائن سان سنگت ڪيائين، جن ۾ جيوڻي ٻائي، ڪنور ڀڳت، چندر ڀڳت، مائي بچان ڀٽڻ ۽ ڪي ٻيا مشهور فنڪار هئا. اُستاد حُسين بخش ڪماچ تي وڏي مهارت رکندڙ هو. زبيده خانم جي ڳايل، مشهور سنڌي فيچر فلم ’پرديسي‘ جي مقبول ڪلام ’سُک جا سانگيئڙا‘ ۾ ڪماچ استاد حسين بخش جو وڄايل آهي. جنهن جا موسيقار ٻه نالي وارا ڀائر غلام نبي ۽ عبداللطيف هئا. اُن کان سواءِ هن اردو فيچر فلم ’عورت‘ ۽ ’زمانه‘ جي گانن ۾ زبيده خانم ۽ آئزه (عائشه) پروين سان گڏ ڪماچ وڄايو. اُستاد حُسين بخش جا ٻه فرزند به موسيقيءَ جي فن سان لاڳاپيل رهيا آهن، جن ۾ هڪ اُستاد فيروز علي ۽ ٻيو منظور علي طبلي نواز آهي. استاد حسين بخش خان جي وفات 1978ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو